مولوي عبدالحق

مولوي عبدالحق

عبدالحق لنڊ مولوي

عبدالحق لنڊ، مولوي: ديني عالم ۽ شاعر مولوي عبدالحق ڪنيت ابو عبدالله ولد حاجي محمد حسين لنڊ بلوچ پهرين فيبروري 1941ع تعلقي ميرپور ماٿيلي ضلعي گهوٽڪي ۾ جنم ورتو. سندس خاندان مذهبي ليکيو ويندو آهي. مقامي راڄن ۾ سندس خاندان کي خاص اهميت حاصل رهي آهي. هن مقامي اسڪول ۾ 1956ع ڌاري سنڌي فائنل ۽ مئٽرڪ 1960ع ڌاري ميرپور ماٿيلي مان پاس ڪئي. ديني تعليم جي شروعات گهر مان ڪيائين، قرآن مجيد پنهنجي والد وٽ پڙهيو. فارسيءَ جي شروعاتي تعليم ميرپور ماٿيلي ۾ ۽ بعد ۾ ڪولاب جيئل جي مدرسي شمس الهدى مان عربيءَ سان گڏ فارسيءَ جي تعليم مڪمل ڪيائين، جتي ٻين ديني علمن جي ڄاڻ حاصل ڪري سند حاصل ڪيائين. 1964ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. ضلعي جي مختلف اسڪولن ۾ پڙهائي، 60 سال عمر ٿيڻ بعد هيڊماستر جي حيثيت سان رٽائر ڪيائين. نوڪريءَ دوران شعر و شاعري ۽ تحقيقي عمل جو آغاز ڪيائين. شاعريءَ ۾ ‘اميراڻي’ تخلص ڪتب آندائين. مذهبي حوالي سان ديوبند منسلڪ سان وابسته آهي. کيس ديني علمن ۾ ڪمال جي ڄاڻ حاصل آهي. پاڻ جمعيت العلماء السلام جو پڻ سرگرم ورڪر آهي. هن عمري ۽ حج جي پڻ سعادت حاصل ڪئي آهي. هن سنڌ ۽ پنجاب کانسواءِ افغانستان تائين تبليغي جماعتن سان وڃي اسلامي پرچار ڪئي آهي. ديني معاملن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿس، جن مان اڪثر حديث جي روشنيءَ ۾ لکيا ويا آهن. ان کان سواءِ ٻين موضوعن تي پڻ سندس تصنيفون آهن. سندس ڪتابن ۾ ‘اسماء الحسنى واسماء النبي صلي الله عليه وسلم’، ‘حديثن جو گلدستو’، ‘دعائن جو گلدستو’، ‘ديني دنياوي معلومات جو املهه خزانو’، ‘گهوٽڪي جا گهوٽ’، ‘سخن سچ الحق’، ‘مجموعه سي حرفي’، ‘حرمين جون زيارتون’ ۽ ‘ڀـُلڪارون’ شامل آهن. مولوي عبدالحق وڏي عمر باوجود تحرير جو شوق جاري رکيو اچي. پاڻ هن وقت گهوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ مولوي عبدالوهاب لنڊ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.02.01  عيسوي

مولوي عبدالحق ڪنيت ابو عبدالله ولد حاجي محمد حسين لنڊ بلوچ پهرين فيبروري 1941ع تعلقي ميرپور ماٿيلي ضلعي گهوٽڪي ۾ جنم ورتو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آخوند محمد موسيٰ ڀٽي سيتائي
شفيع محمد منگيو مولانا
ڊومڪي علامه مقصود علي
ضياء الدين مخدوم
شيخ محمد حيات سنڌي
عبدالجبار صديقي مخدوم
عبدالرحيم مفتي سڪندري
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
آخوند مولانا ڇٽو ڀٽي سيتائي
عبدالحليم ڪنڊوي مولانا
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون